سيد صادق علي شاهه

سيد صادق علي شاهه: نامور سياستدان سيد صادق علي شاهه ولد سيد بهار علي شاهه، 10 سيپٽمبر 1910ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ’ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 شڪارپور‘ مان حاصل ڪيائين. مسلم ليگ شڪارپور جو نائب صدر ۽ سيڪريٽري ٿي رهيو. سندس اوطاق سياسي ڪارڪنن ۽ مسلم ليگ جي ميمبرن جو مرڪز هوندي هئي.
سيد صادق علي شاهه مسجد منزل گاهه جي تحريڪ ۾ به اهم ڪـردار ادا ڪيو. جـڏهـن شڪارپور کان قافلـو شيخ واجد عـلـيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مسجد منزل گاهه ڏانهن روانو ٿيو ته ان ۾ سڀ کان اڳيان سيد صادق علي شاهه هو. خان سڌايو'>خانبهادر احمد خان سڌايو کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي مسلم ليگ جا اڳواڻ جي. ايم. سيد، آغا غلام نبي خان پٺاڻ ۽ ٻيا وٽس اچي رهندا هئا.
پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو ڪارڪن هو، کيس سياست سان گڏ صحافت سان به دلچسپي هئي.
ورهاڱي کانپوءِ شڪارپور مان هفتيوار اخبار ’سحر‘ جاري ڪيائين، جنهن ذريعي شڪارپور جي عوام جي ترجماني ڪيائين. جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو ته ان جي کليل مخالفت ڪيائين.
سيد صادق علي شاهه، 51 سالن جي عمر ۾، 23 سيپٽمبر 1961ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد صادق علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.09.10  عيسوي

نامور سياستدان سيد صادق علي شاهه ولد سيد بهار علي شاهه، 10 سيپٽمبر 1910ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1961.09.23  عيسوي

سيد صادق علي شاهه، 51 سالن جي عمر ۾، 23 سيپٽمبر 1961ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاڪم علي زرداري
اقبال دل
پير ڇٽو
رياض باقر ڊاڪٽر
حُرمت شيدڻ
طاهر محمد نسياني مير
اختر ڪاڪيپوٽو
عطاءُ الله جان سرهندي پير
جوهر شوڪت علي مولانا
شعيب منصور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون